24 سومر , سيپٽمبر 2018

پاڪستان ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي تسلي جوڳي آهي: صدر ممنون حسين

دوشنبي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي صدر ممنون حسين عالمي ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي واري صورتحال کي تسلي جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو. تاجڪستان جي راڄڌاني دوشنبي ۾ آبي وسيلن ۽ پائيدار ترقي جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته پاڪستان ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جي صورتحال تسلي جوڳي آهي، پاڻي جي مسئلي جي حل لاءِ عالمي سهڪار پاڪستان جي ترجيح آهي. صدر ممنون حسين جو چوڻ هو ته پاڻي زندگي جي اهم ترين ضرورت، توانائي کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو، زراعت، صنعت ۽ انساني زندگي جي بقا جو ضامن آهي، پاڻي جي وسيلن کي درپيش چينلن لاءِ شرڪتداري ضروري آهي، عالمي برادري غربت جي خاتمي ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ ڪوشش ڪري، ڪانفرنس خطي ۾ پاڻي جي مسئلي جي حل لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل فور جو فائنل به ڪراچي ۾ ڪرائڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ فور جي شروعات ايندڙ سال 14 فيبروري تي ٿيندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے