22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: 6 اشتھاري ۽ انعام رکيل ڌاڙيل گرفتار ڪيا آھن: ايس ايس پي شڪارپور

6 Advertising and Rewards have been arrested, arrested: SSP Shikarpur* ايس ايس پي شڪارپور مسعود بنگش چيو آهي ته پوليس رستم ٿاڻي جي حد ۾ ڪاروائي ڪري 6 اشتھاري ۽ انعام رکيل ڌاڙيل گرفتار ڪيا آھن.

ايس ايس پي آفيس شڪارپور ۾پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي مسعود بنگش چيو ته شڪارپور پوليس رستم ٿاڻي جي حد ۾ ڪاروائي ڪندي ڇھن اشتھاري ۽ انعام رکيل ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو آھي.

ايس ايس پي موجب گرفتار ڪيل ڌاڙيلن ۾پنج لک انعام رکيل رحم علي عطراڻي به شامل آهي جنھن تي رستم سميت مختلف ٿاڻن تي 18 ڪيس داخل آھن.

هن چيو ته بخشل سعد خاناڻي جتوئي تي مختلف ٿاڻن تي 9 ڪيس نورحسن عطراڻي تي 2 خون جا ڪيس، ملنگ سعدخاناڻي، شير عطراڻي ۽ فضل عطراڻي تي مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيل آھن.

ايس ايس پي شڪارپور مطابق گرفتار ڪيل ڏوھارين وٽان بندوق، ڪلاشنڪوف ۽ ٻيا ھٿيار پڻ ھٿ ڪيا ويا آھن.

مسعود بنگش وڌيڪ چيو ته گذريل ٻن مھينن ۾ شڪارپور پوليس ضلعي جي مختلف ھنڌن تي ڪاروائي ڪندي 598 اشتھاري ڏوھاري گرفتار ڪيا آھن…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | گهوٽڪي: مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

گهوٽڪي ۾ به مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي. مرڪزي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے