21 جمعو , سيپٽمبر 2018

سڄي ملڪ ۾ اپيلٽ ٽربيونلز ڪم شروع ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ اپيلٽ ٽربيونلز ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن بعد 22 جون تائين ريٽرننگ آفيسرن جي فيصلن تي اپيلون داخل ٿينديون. اليڪشن ڪميشن موجب سڄي ملڪ جا 849 تڪن جي لاءِ 21 اپيلٽ ٽربيونلز بڻايا ويا آهن، اپيلٽ ٽربيونلز ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن بعد 22 جون تائين ريٽرننگ آفيسرن جي فيلصن تي اپيلون داخل ٿينديون. اپيلٽ ٽربيونلز 23 کان 27 جون تائين اپيلون کي اُڪلائيدي. ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن ريٽرننگ آفيسرن کان 21 هزار اميدوارن جي تفصيل گهري ورتي آهي جنهن بعد اميدوارن جي حلف نامن ۽ اثاثن جي تفصيل ويب سائيٽ تي شايع ڪئي ويندي. ريٽرننگ اميدوارن جي ڊيٽا اسڪين ڪري اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ ڏانهن موڪلڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے