26 اربع , سيپٽمبر 2018

پنجاب حڪومت ايڊووڪيٽ جنرل عاصمه حامد کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت صوبائي ايڊووڪيٽ جنرل عاصمه حامد کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف حڪومت ختم ٿيڻ کان 2 ڏينهن اڳ عاصمه حامد کي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب مقرر ڪيو هو جنهن تي مخالف ڌر پارٽين سخت احتجاج ڪندي ان کي وقت کان اڳ اليڪشن ڌانڌلي قرار ڏنو هو ۽ اليڪشن ڪميشن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو. ميڊيا جي رپورٽن موجب نگران حڪومت عاصمه حامد کي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي ۽ سندس جاءِ تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل شان گل کي عهدي جو واڌو چارج ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبائي حڪومت طرفان امتياز صديقي ايڊووڪيٽ کي نئون ايڊووڪيٽ جنرل مقرر ڪرڻ جا امڪان آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيپرا في يونٽ بجلي 1 رپيو 16 پيسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور اينڊ ريگوليٽري اٿارٽي( نيپرا ) في …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے