19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: شڪارپور: اينٽي ڪرپشن جو شڪارپور جي خزاني آفيس تي ڇاپو، ڪوڙا ليٽر هٿ

Shikarpur: Anti-corruption raid, fake letters received* اينٽي ڪرپشن عملي شڪارپور جي خزاني آفيس تي ڇاپو هڻي ڪوڙا ليٽر هٿ ڪري ورتا آهن، ملازمن جي ميڊيڪل بلز جي مد ۾5 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آھي.

اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر عبدالوھاب ٻرڙو سول جج عبدالطيف ڏاھاڻي جي نگراني ھيٺ شڪارپور جي خزاني آفيس تي ڇاپو ھنيو .

سرڪل آفيسر مطابق 250 کان وڌيڪ استادن جي فرضي نالن تي اي جي سنڌ ،ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو جي ڪوڙي اٿارٽي ليٽرس تي تعليم ۽ صحت کاتي جي ملازمن جي علاج لاءِ 12/12 لک رپيا جاري  ڪيا ويا.

 اينٽي ڪرپشن کاتي جي عملدارن ٻڌايو ته اي جي سنڌ ،ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ۽ ڊائريڪٽر صحت کاتي جي نالن سان ڪوڙا اٿارٽي ليٽر ھٿ ڪيا ويا آھن.

سرڪل آفيسر ٻڌايوته 5 ڪروڙن کان  وڌيڪ ٿيل ڪرپشن ۾ سرڪاري توڙي غير سرڪاري ايجنٽ ملوث آھن جن خلاف جلد ڪاروائي ڪئي ويندي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے