18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

بهار: پاڪستاني گيت تي رقص جي الزام ۾ 5 ٻارڙن سميت 8 ڄڻا گرفتار

Bihar: Five children, including five children, were arrested on the dance trackبهار(ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست بهار جي ضلعي روهتاس ۾ پوليس پاڪستاني گيت تي رقص ڪرڻ جي الزام ۾ 5 ٻارڙن سميت 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. پرڏيهي خابرو اداري موجب اهو واقعو روهتاس جي علائقي نصري گنج ۾ چنڊ واري رات پيش آيو جتي 100 کان وڌيڪ ماڻهن پاڪستان گيت تي رقص ڪري رهيا هئا. رقص جي ويڊيو گذريل آچر تي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي، جنهن تي روهتاس ضلعي جي پوليس ڪاروائي ڪندي 5 ٻارڙن سميت 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان روهتان پوليس جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ چندن ٿاٿيرا نالي هڪ هندو رقص جي ويڊيو ٺاهي انتها پسند هندو تنظيم بجرنگ دل جي مقامي اڳواڻ منوج بجرنگي ڏانهن اُماڻي جنهن ويڊيو پوليس کي فراهم ڪئي. پوليس موجب گرفتار ماڻهن ۾ تقريب جو بندوبست ڪندڙ محمد رضا خان، ڊي جي آپريٽر اشيش ڪمار ۽ ڊرائيور مڪيش ڪمار شامل آهن. پوليس گرفتار ماڻهن خلاف بغاوف ۽ انتشار پکيڙڻ جي الزامن تحت ايف آءِ آر داخل ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ايف آءِ آر ۾ نامزد نوجوان اشيش ڪمار چيو آهي ته هو قواليون هلائي رهيو هو ته اچتو پاڪستان گيت شروع ٿي ويو. ٻئي پاسي روهتاس پوليس جي ايس پي ستاويز سنگهه چيو آهي ته ويڊيو فرانزيڪ ٽيسٽ لاءِ  موڪلي وئي آهي ته جيئن پتو پيجي سگهي ته ويڊيو حقيقي آهي يان ڪنهن ڪوڙي افواهه پيکڙي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

طالبان جي حملن ۾ افغان سيڪيورٽي فورسز جا 10 اهلڪار مارجي ويا

ڪابل( ويب ڊيسڪ ) افغان پوليس ۽ فوجي بيس تي طالبان جي حملن ۾ سيڪيورٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے