22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڪراچي: نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس

Karachi: High level meeting under supervision of ڪراچي(ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم جسٽس(ر) ناصر الملڪ جي صدارت هيٺ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. نگران وزيراعظم جسٽس(ر) ناصر الملڪ اڄ مختصر دوري تي ڪراچي پهتو، جتي ايئرپورٽ تي گورنر محمد زبير سندس استقبال ڪيو، جنهن بعد نگران وزيراعظم ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري ۽ پاڪستان جي باني جي قبر تي فاتح پڙهي،   ان موقعي ته سنڌ جو نگران وڏو وزير فضل الرحمان ۽ گورنر محمد زبير پڻ ساڻس گڏ هئا. قائد اعظم جي مزار تي حاضري بعد نگران وزيراعظم گورنر هائوس پهتو جتي هن جي صدارت هيٺ امن امان بابت اهم اجلاس ٿيو ، جنهن ۾ نگران وڏي وزير فضل الرحمان، گورنر محمد زبير، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل شاهد بيگ مرزا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اختيارين شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم کي اجلاس دوران سنڌ خاص طور تي ڪراچي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ عام چونڊن جي حوالي سان سيڪيورٽي تيارين تي بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته ان دوران آزاد، شفاف ۽ پر امن چونڊن لاءِ کنيل قدمن تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان کان پلاند وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي: ڀارتي آرمي چيف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي آرمي چيف بپن راوت پاڪستان خلاف سڌو سنئون ڌمڪين تي لهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے