26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: مدئجي: ڳوٺ مرزانپور جي رهواسين جو ڳاهيجا پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

Madeji: Protest against police for victimizing residents of village Mirzanpur*مدئجي ويجهو ڳوٺ مرزانپور جي رهواسين پاران ڳاهيجا پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺاڻن وليداد جوڳي، وقارشيخ، عبدالحميدشيخ، غلام اڪبر شيخ، عبيدالله جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

 ان موقعي تي خطاب ڪندي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ايس ايڇ او ڳاهيجا غلام مصطفي’ ابڙو جي نااهلي سبب  مرزانپور ۽ ڀرپاسي  ۾چوريءَ جو آزار وڌي ويو آهي.

 هنن دانهيندي چيوته گذريل رات چور ٽن دوڪانن جا تالا ٽوڙي هزارين روپين جو سامان، روڪ رقم ۽ ڪڪڙيون چورائي ويا.

هنن چيوته چورن ڳوٺاڻن رياض سولنگي ۽ ممتاز جوڻيجو جي دوڪانن جا تالا ٽوڙي دوڪانن ۾ پيل قيمتي سامان روڪ رقم کڻي ويا

هنن ٻڌايو ته ساڳي رات چورن وليداد جوڳي جي دوڪان جا تالا ٽوڙي دوڪان ۾ پيل سولر پليٽون، سولر پکا،قيمتي سامان سميت دوڪانن ۾ بيٺل ڪڪڙيون به چورائي ويا.

احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪري سندن چورن مان جان آجي ڪرائي وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: New government is just practicing: Sharjeel Inam Memon

نيوز: نئين حڪومت نيٽ پريڪٽس ڪري پئي:شرجيل انعام ميمڻ

*پ پ اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي تھ نئين حڪومت نيٽ پريڪٽس پئي ڪري، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے