25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ٽڪيٽ ملي يا نه ملي، نواز شريف سان گڏ بيٺو آهيان: جاويد هاشمي

Tests are mixed with Nawaz Sharif: National or National: Javed Hashimiملتان (ويب ڊيسڪ) سينيئر سياستدان جاويد هاشمي اسڪروٽني بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پارٽي قيادت جي چوڻ تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا جيڪڏهن قيادت ٽڪيٽ سيد جاويد علي شاهه کي ڏني ته سڀ کان پهريان هو ڪمپين ڪندو. هن چيو ته ن ليگ جي قيادت کي ڪيسن ۾ ڦسائي ن ليگ جو حالتون خراب ڪرڻ جون ڪوشش ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته کيس ٽڪيٽ ملي يا نه ملي هو نواز شريف سان گڏ بيٺل آهي. جاويد هاشمي چيو ته هو فالج جو مريض آهي، پر ملڪ جي خدمت لاءِ هن وٽ اڳ کان به وڌيڪ طاقت موجود آهي، هن چيو ته هو جهموريت لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندو. جاويد هاشمي وڌيڪ چيو ته ختم نبوت جي باري ۾ غلط نٿا سوچي سگهون، لبيڪ يا رسول االله چوندا آهيون ۽ چوندا رهنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

معاشي حالتن جو ڏوهاري اسحاق ڊار آهي، ميثاق جمهوريت هئڻ گهرجي: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے