16 سومر , جولاءِ 2018

جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جا اثاثا ظاهر، مخالف اميدوار اثاثن کي چئلنج ڪري ڇڏيو

ڊي آءِ خان(ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پنهنجا اثاثا ظاهر ڪري ڇڏيا، دستاويزن موجب مولانا فضل الرحمان طرفان ظاهر ڪيل اثاثن ۾ سندس بينڪ بيلنس 20 لک رپيا ڄاڻايو ويو آهي، هن وٽ ساڍن 9 لک رپين جا زيور، 15 لک رپين جي ماليت جو پلاٽ آهي، اثاثن ۾ مولانا فضل الرحمان پنهنجي گهر جي ماليت 25 لک رپيا ظاهر ڪئي آهي، ان کان سواءِ شور ڪوٽ ۾ 7 لک رپين جي ماليت جو پلاٽ پڻ ظاهر ڪيو آهي. فضل الرحمان طرفان ظاهر ڪيل اثاثن کي آزاد اميداور سراج الدين فضل الرحمان جي اثاثن کي چيلنج ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

معيشت جي خراب صورتحال، ناڻي بابت نگران وزير طرفان آءِ ايم ايف جو در کڙڪائڻ جو اشارو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي بابت نگران وزير چونڊن کانپوءِ آءِ ايم ايف جو نئون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے