22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ زلفي بخاري ۽ گهرو وزارت کان جواب طلب ڪري ورتو

Islamabad High Court, Zulfiqar Bakhari, and the Interior Ministry sought the answerاسلام آباد(ويب ڊيسڪ)سفري پابنديون ۽  بليڪ لسٽ ۾ نالو هئڻ باوجود پرڏيهي سفر ڪرڻ واري معاملي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زلفي بخاري ۽ گهرو وزارت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. تفصيل موجب درخواست گذار محمد ڪوثر جي طرفان ڪرنل ريٽائرڊ انعام رحيم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل سنگل رڪني بئنچ جي  اڳيان پيش ٿيو. درخواست گذار جي وڪيل عدالت جي روبرو موقف اختيار ڪندي چيو ته آرمي بيس نورخان کي پبلڪ طور تي ڪيئن استعمال ڪيو ويو؟ عمران خان جي هڪ فون ڪال تي زلفي بخاري جو نالو ڪيئن بليڪ لسٽ مان ڪڍيو ويو؟ درخواست گذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته جڏهن ڪنهن شخص تي سفري پابنديون لاڳو آهن ته بنا ڪنهن ڪاروائي جي کيس ڪيئن سفر ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، زلفي بخاري کي پرڏيهي سفر لاءِ ڇهن ڏينهن جي ڇوٽ ڪهڙي قانون تحت ڏني وئي. عدالت درخواست گذار جي وڪيل جو موقف ٻڌڻ بعد گهرو وزارت سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 21 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے