21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نگران وزيراعظم جي ڪراچي آمد، قائد اعظم جي مزار تي حاضري

caretaker pm visit to Karachiڪراچي(ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ مختصر دوري تي ڪراچي پهچي ويو. ان موقعي سنڌ جي گورنر محمد زبير نگران وزيراعظم ناصر الملڪ جو استقبال ڪيو جنهن بعد نگران وزيراعظم ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري ۽ ملڪ جي باني جي مزار تي فاتح پڙهي ، ان موقعي نگران وزيراعظم سان سنڌ جو نگران وڏو وزير فضل الرحمان ۽ گورنر محمد زبير پڻ گڏ هئا. نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ امن امان بابت اهم اجلاس جي صدارت ڪندو جنهن ۾ کيس سنڌ خاص طور ڪراچيءَ جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ عام چونڊن جي حوالي سان  سيڪيورٽي جي تيارين تي بريفنگ ڏني ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيف سٽي پراجيڪٽ کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو: شهريار آفريدي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي سيف سٽي پراجيڪٽ کي وڌيڪ مضبوط …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے