22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: مانجهند : 10 ڏهاڙن کان پيئڻ جو پاڻي ناپيد، شٽربند هڙتال،  ڌرڻو

Manjhand: Water shortage for 10 days, Shutter closed strike, protest*مانجهند شهر ۾ لڳ ڀڳ 10 ڏهاڙن کان پيئڻ جو پاڻي ناپيد بڻيل آهي، جنهن خلاف شهرين شٽربند هڙتال ڪري  ڌرڻو هنيو .

شهرين لياقت ملاح، سرمد عمراڻي، اعجاز ميمڻ ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته انتظاميا وٽ 60  لک کان مٿي بجيٽ هئڻ باوجود سڙيل موٽر جي مرمت نه ٿي سگهي آهي.

 هنن وڌيڪ چيو ته نااهل انتظاميه کين وڏي عرصي کان پيئڻ جي پاڻي  جي سهولت ميسر نه آهي جنهن سبب عورتون ۽ ٻارڙا ٻه ڪلو ميٽر پيادل پاڻي ڀري اڃ اجهائين ٿا.

 هنن چتاءُ ڏنو ته نااهل ٽائون آفيسر کي هٽائي کين  ترت پاڻي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ انڊس  هاءِ وي بلاڪ ڪيو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | قاضي احمد: عاشور  جو ڏهاڙو انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

قاضي احمد شھر  ۾ عاشور  جو ڏهاڙو انتهائي  عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو قديمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے