19 اربع , سيپٽمبر 2018

سنڌ ۾ حڪمراني  نالي ڪا شيءَ ناهي:چيف جسٽس ثاقب نثار

 There is no official name in Sindh: Saqib Nisarڪراچي(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار سنڌ ۾ اڳوڻي پ پ پ جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ حڪمراني نالي ڪا شيءَ ناهي.سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ مٺي ٿرپارڪر ۾ ٻارڙن جي فوتگين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اڳوڻي حڪومت جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته نجي اسپتال جي رپورٽ موجب ٻارڙن جو موت حڪومت جي لاپرواهي سبب ٿيو. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته سنڌ ۾ حڪمراني نالي ڪا شيءَ ناهي، اڳوڻو وڏو وزير مراد علي شاهه ڪٿي آهي؟ هو ڪراچي ۾ آهي ته ان کي گهرائي ڪارڪردگي جو پڇيو.چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته جهڙي ريت مراد علي شاهه جي ڪارڪردگي آهي ڇا هو ايندڙ اليڪشن ۾ به بيهي ٿو؟ سنڌ ۽ ٻين صوبن جي ڪارڪردگي ۾ واضح فرق نظر اچي ٿو. سيڪريٽري فضل الله پيچوهو عدالت کي ٻڌايو ته چيف سيڪريٽري منهنجي ٻڌي ته مان ڪجهه ڪريان، سڄو نظام تباهه آهي، مان اڪيلو ڇا ٿو ڪري سگهان؟چيف جسٽس سيڪريٽري صحت کان پڇاڻو ڪيو ته توهان کان مٿي ڪير آهي؟ صوبي جي وزيراعليٰ جي مٿان ڪير آهي؟ صوبي جي سڀ کان وڏي سان ته توهان جي مائٽي آهي، ڇا ان کي صورتحال ٻڌائي؟ غريبن جا ٻار مري ويا، ان جو ڇا ڪنداسين؟ جسٽس ثاقب نثار سيڪريٽري صحت سان مخاطب ٿيندي چيو ته سڀ ذميواري توهان جي حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Imran Khan's visit will meet with the pledge, today the Saudi King today, on the messenger

عمران خان جي روضي رسول تي حاضري، اڄ سعودي بادشاهه، ولي عهد سان ملاقات ڪندو

مڪو شريف ( ويب ڊيسڪ ) وزير اعظم عمران خان سعودي عرب جي ٻن ڏينهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے