23 آچر , سيپٽمبر 2018

ن ليگ سڄي ملڪ مان اڪثريت سان سوڀ حاصل ڪري پنهنجو مشن اڳتي وڌائيندي: احسن اقبال

PML-N secures victory over majority of the country and increase its mission: Ahsan Iqbal نارووال(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته چونڊن ۾ مخالفن جون ضمانتون ضبط ڪنداسين، ن ليگ سڄي ملڪ مان اڪثريت سان سوڀ حاصل ڪري پنهنجو مشن اڳتي وڌائيندي.ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته الحمد الله نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا آهن، هاڻي اليڪشن مهم جي شروعات ڪندس. هن چيو ته اسان وٽ به ابرار الحق خلاف اعتراض هئا پر اسان چور دروازي تي يقين نٿا رکون، 2013ع جي ڀيٽ ۾ 2018ع جي چونڊن ۾ مخالفن جون ضمانتون ضبط ڪنداسين.هن چيو ته هي ماڻهو 5 سالن کانپوءِ تڪ ۾ آيا آهن ۽ اهي سمجهن ٿا ته ووٽ نوٽن سان خريد ڪري سگهجن ٿا، سياست نوٽن سان نه پر عوام جي دلين سان ڪئي ويندي آهي، جيترا ترقياتي ڪم ڪرائي ناروال جو نقشو تبديل ڪيو، ن ليگ نارو وال مان ئي نه پر سڄي ملڪ مان اڪثريت سان سوڀ حاصل ڪندي ۽ پنهنجو مشن اڳتي وڌائيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Prime Minister will be present on the new constitutional system

وزيراعظم اڄ لاهور پهچندو، نئين بلدياتي نظام تي بريفنگ وٺندو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان اڄ منجهند لاهور پهچندو ۽ نئين مڪاني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے