23 آچر , سيپٽمبر 2018

امڙ جي حالت نازڪ آهي، ماڻهو اجايون ڳالهيون ڪري ڏک پهچائي رهيا آهن:حسين نواز

The situation in the state is critical, people are hurting their heart by saying: Hussain Nawaz

لنڊن(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پٽ حسين نواز چيو آهي ته هن جي امڙ ڪلثوم نواز جي حالت نازڪ آهي، ان باوجود ماڻهو اجايون ڳالهيون ڪري سندن خاندان کي ڏک پهچائي رهيا آهن. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حسين نواز چيو ته سندس پيءُ نواز شريف ۽ ڀيڻ مريم نواز کي احتساب عدالت طرفان 4 ڏينهن لاءِ حاضري کان ڇوٽ ڏني وئي آهي، جڏهن ته سندس امڙ وينٽي ليٽر تي آهي، اها ڏک ۽ افسوس واري ڳالهه آهي. حسين نواز وڌيڪ چيو ته اهو سڀ ڄاڻن ٿا ته سندس امڙ جون جهوريت لاءِ ڪهڙيون خدمتون آهن. ياد رهي ته ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا بيگم ڪلثوم نواز گذريل ڪيترن ئي مهينن کان علاج لاءِ لنڊن ۾ موجود آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے