22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

عام چونڊون ۽ عام ماڻهوءَ جا درد

25 جولاءِ تي رٿيل عامُ چونڊن لاءِ ڏينهون ڏينهن ميدان مچندو پيو وڃي، ڪالهه اميدوارن جي داخل ڪيل نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال جو مرحلو مڪمل ٿيو آهي. ڪن جا نامزدگيءَ وارا ڪاغذ قبول ٿيا آهن ته ڪن جا رد ٿيا آهن. ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جا فارم ان ڪري رد ٿيا آهن جو  هو ايم ڪيو ايم جي بانيءَ طرفان 22 آگسٽ 2016ع تي ڪيل  تقرير کانپوءِ دهشتگردي، چڙ ڏياريندڙ تقرير ۾ سهولتڪاري جي ٻن ڪيسن ۾ ڀاڳيلو هو. هڪ پاسي عامُ چونڊن جا مرحلا اڳتي وڌندا عام چونڊن واري ڏينهن يعني 25 جولاءِ جي ويجهو ٿيندا پيا وڃن ته ٻئي پاسي نت نوان انڪشاف به سامهون اچي رهيا  آهن.  خاص ڪري اميدوارن جي ٻٽي شهريت ۽ بينڪن جو باقيدار هئڻ جي ڪري نامزدگيءَ جا فارم رد ٿين پيا. ڪي باقيدار ته اهڙا آهن، جن ڪي هزار ۽ لک نه پر ڪروڙين ۽ اربين رپيا بينڪن کان قرض ورتا، چونڊون وڙهيا، چونڊون کٽيا، چونڊون کٽڻ  کانپوءِ اعليٰ عهدن تي به پهتا، سماج انتهائي معتبر ۽ عزت واريون شخصيتون به رهيا پر اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪندي به سرڪاري پئسو واپس ڪرڻ بدرا اهو معاف ڪرائڻ ۾ ئي پنهنجو مان، مرتبو ۽ شان سمجهيائون.

هنن چونڊن ۾  به هر عام ُ چونڊ جيان، جيڪي اميدوار سامهون آيا آهن يا جن وچ ۾ مقابلي ۽ جن جي سوڀارو اهڙا  آهن، جن جو عوام جي طبقي، عامُ ماڻهو ۽ غريب طبقي  سان ڪو تعلق ڪونهي، سو چئي سگهجي ٿو هر اليڪشن جيان هنن چونڊن ۾ به طبقاتي تضاد پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ۽ نظر به اچي رهيو آهي. وڏين مقبول اقتداري سياسي جماعتن جا جيڪي اميداور سامهون سي گهڻي ڀاڱي مٿئين طبقي سان تعلق رکن ٿا، جڏهن ته عوام جو گهڻو حصو وري هيٺئين طبقي سان، هاري، ناري ۽ مزدور سان تعلق رکي ٿو، اهو طبقاتي تضاد ان صورت ۾ ختم ٿي سگهي ٿو، جڏهن ڪنهن به نظريي سان تعلق لکندڙ جماعتن  کي هڪ جهڙو ميدان مهيا هجي. ڀلي اهي مذهبي جماعتون هجن، لبرل، ترقي پسند، سوشلسٽ هجن، قومپرست هجن،  قدامت پسند يا نيم قدامت پسند ئي ڇو نه هجن، هر جماعت جڏهن پنهنجو پروگرام کڻي، ماڻهو وٽ ويندي  پنهنجي پنهنجي پروگرام جو پرچار ڪندي ماڻهن سان رابطا وڌائينديون ته عوام سوچ ويچار کانپوءِ اهو فيصلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويندو ته ڪهڙو پروگرام کين بهتر ٿو لڳي ۽هو ڪنهن سان ٿا بيهن.

موجوده حالتن ۾ جڏهن ڏهاڪن کان هڪڙو طبقو ئي سياست تي حاوي آهي، تڏهن چونڊن ۾ مقابلو ان ئي طبقي سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ خاندانن ۾ آهي. ڏٺو ته ايئن به ويو آهي ته مٿين طبقي جي خاندانن اقتدار ۾ هميشه لاءِ رهڻ ۽ دعائيون حاصل ڪندو  رهڻ لاءِ اهو فارمو اختيار  ڪيو آهي ته جي گهر  جا پنج ڀاتي آهن ته اهي پنجن جا پنج ڪنهن هڪ جماعت ۾ رهڻ بدران ڪو ڪنهن ۾ ته ڪو ڪنهن ۾ هئڻ واري اصول تي هلي رهيا آهن. مقصد صرف اهو ٿو هجين ته ڪا نه ڪا پارٽي ضرور کٽي ايندي ۽ اقتدار ۾ به ايندي، سو گهر جو ڪو نه ڪو ڀاتي جي اقتداري جماعت ۾ هوندو ۽ اهم عهدي تي به هوندو ته  رڳو ان شخص نه پر سڄي گهر جا ئي  وارا نيارا  هوندا. ان روايت اسان جي  سماج کي ڄڻ ته غير سياسي بڻائي ڇڏيو آهي. مٿيون طبقو ته نظرين کان  عاري ۽ موقعي پرست هو ئي هو پر عامُ ماڻهو وٽ به موقعي پرست بڻجڻ کانسواءِ ٻي ڪا واٽ ناهي رهي، جيئن  سياسي پارٽين عام ماڻهوءَ سان  سڌو سنئون تعلق رکڻ بدران بااثر يا  Elect able  (چونڊ کٽڻ جي سگهه رکندڙن ) تي ڀاڙڻ شروع ڪيو آهي، تيئن عوام ۾ به سياسي پارٽين سان سڌو رابطو رکي، انهن لاءِ ڪم ڪرڻ بدران انهن ئي  وڏيرن ۽  اليڪٽ ايبل (  جي هر وقت ذريعي سياسي جماعتن سان لاڳاپو رکڻ وارو لاڙو  وڌيو آهي، جنهن هڪ ته سماج کي ڊي پوليٽيسائيز ڪري ڇڏيو آهي.  ٻيو ته اهڙي لاڙي جي ڪري ڏينهون ڏينهن سياست جو نظرياتي ۽ آدرشي پاسو پسمنظر  ۾ جي غائب ٿيندو پيو وڃي ۽ اهو طبقو ڪنڌ اوچو ڪري سياسي ڪارڪنن کي پنهنجي ذات لاءِ استعمال ڪري اڳتي وڌي رهيو آهي. جيڪو طبقو هن سماج جي پسماندگيءَ جو ذميوار آهي.

سو چونڊن جو وقت تي ٿيڻ تمام سٺو سنئوڻ آهي، جنهن جي ڪو به جمهوريت پسند قطعي به مخالفت نه ٿو ڪري سگهي پر هنن چونڊن ذريعي عوامي راڄ قائم ٿئي، سو به ممڪن ڪونهي. پاڪستان۾ ڳچ عرصو فوج جي اڻ چونڊيل  حڪومت جي حڪمراني رهي آهي. هتي گهڻو ڪري جمهوريت تي راتاها لڳندا رهيا آهن. تنهن ڪري جمهوريت جي مضبوطي لاءِ وقت تي چونڊون ٿيڻ ۽ جمهوري نظام جو قائم ٿيڻ ته ضروري آهي ئي آهي. ان کان وڌيڪ ضروري سماج ۾ جيڪوطبقاتي تضاد آهي. سو ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهو طبقاتي تضاد، جنهن جو بچاءُ ڪندي سڀ اقتدار سياسي جماعتون  نظر اچن ٿيون.

سماج مان طبقاتي تضاد ختم ۽ اقتدار ۾ عوام جي وڌ ۾ وڌ  شرڪت ۽ شموليت ان صورت ۾ يقيني ٿي سگهندي، جڏهن سياسي جماعتون  بااثرن تي ڀاڙڻ بدران عوام تي ڀاڙين، عوام سان سڌو سنئون رابطو رکن، عوام مان ئي ميرٽ ۽ اهليت، معنيٰ  علم ۽ شعور جي سطح کي پرکيندي اڳتي آڻن، نه ڪي دٻدٻي، دهشت ۽ دولت کي ميرٽ سمجهيو وڃي. نه رڳو ايترو  پر عوام ۾ به هاڻي جيڪو بااثر ۽ وڏيرن جي هر وقت سياسي جماعت سان سلهاڙجڻ وارو لاڙو پيو آهي. تنهن جو خاتمو به ضروري آهي، جي ايئن نه ٿيو ته اهو لاڙو ڪينسر ٿي سماج کي کائي ويندو  .  سو موجوده حالتن ۾ ته عام چونڊون ڀلي ٿي به وڃن، پر ڀلو عام ماڻهوءَ  جو نه پر هڪ طبقي جو ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. پوءِ اهو چاهي لاڳاپيل ڪهڙي به جماعت سان ئي ڇو نه هجي.

اربع  20   جون  2018ع، 5 شوال  1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ حڪومت جي بجيٽ ۽ مالي بحران جون شڪايتون

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے