25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سپريم ڪورٽ 15 ڏينهن ۾ آئل ٽينڪر ذوالفقار آباد ٽرمينل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Supreme Court ordered transfer of oil tanker Zulfikarabad terminal in 15 daysڪراچي(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آئل ٽرمينل کي 15 ڏينهن ۾ شيرين جناح ڪالوني کان ذوالفقار آباد منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ آئل ٽينڪرن جي ذوالفقار آباد ٽرمينل منتقلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪراچي جو ميئر وسيم اختر ۽ آئل ٽينڪر ايسوسي ايشن جا عهديدار عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي جي شروعات تي چيف جسٽس ڪراچي جي ميئر وسيم اختر کان سوال ڪيو ته ڪيترن نالن جي صفائي مڪمل ٿي چڪي آهي؟ ٻڌايو ته ڪهڙي نالي جو دورو ڪرائي رهيا آهيو؟ ان تي وسيم اختر جواب ڏيندي چيو ته سر نهر خيام ڏانهن هلون ٿا. ڪيس جي ٻڌڻي دوران وسيم اختر عدالت کي ٻڌايو ته ذوالفقار آباد آئل ٽرمينل جو هڪ سال اڳ افتتاح  ٿي چڪو آهي، آئل ٽينڪر جا مالڪ وڃڻ لاءِ تيار ناهن. ميئر ڪراچي جي جواب تي آئل ٽينڪر ايسوسي ايشن جي صدر يوسف شهواڻي پنهنجي موقف ۾ چيو ته اسان وڃڻ لاءِ تيار آهيون، ميئر ڪراچي ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. جنهن تي چيف جسٽس يوسف شهواڻي کي ڇنڊ پٽيندي چيوته توهان جو ميئر آهي، عزت سان پيش اچو. جنهن تي يوسف شهواڻي عدالت کي ٻڌيو ته 200 ايڪڙن مان اسان کي رڳو 130 ايڪڙ ايراضي ڏني وئي، ان تي چيف جسٽس وسيم اختر کان سوال ڪيو ته ڪم مڪمل ڇو ناهي ٿيو؟ جنهن ميئر ڪراچي جواب ڏيندي چيو ته ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي،  جيڪڏهن توهان چاهيو ته معائنو ڪري سگهو ٿا. چيف جسٽس حڪم ڏنو ته 15 ڏينهن بعد ڪو به ٽينڪر شيرين جناح ڪالوني ۾ نه بيهندو ۽ آئل ٽينڪر وارن هڙتال ڪئي ته سڀني کي اندر ڪنداسين. عدالتي حڪم تي يوسف شهواڻي چيو ته ائين ممڪن نه ٿي سگهندو، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ميان صاحب توهان وٽ هر قسم جي حجت آهي، خدا جو خوف ڪيو، ڪجهه حب الوطني پيدا ڪيو. جنهن بعد عدالت ميئر ڪراچي ۽ ضياءِ اعواڻ کي ذوالفقار آباد ٽرمينل جو معائنو ڪري شام تائين صورتحال کان آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ ڪرپٽ ۽ پنهنجا نوازي ورتل سرڪاري آفيسرن جي ڊيٽا تيار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ بدعنوان ۽ سياسي پشت پناهي رکندڙ سرڪاري آفيسرن جي تفصيل گڏ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے