21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ وري فيصلي خلاف ٽربيونل سان رابطو ڪنداسين: خواجا اظهار الحسن

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن چيو آهي ته اسان جي ووٽرن کي خبر آهي ته اسان خلاف سازش ٿي رهي آهي، غلطي سان اين اي 243 جا ڪاغذ 242 ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا، جنهن جي بنياد تي منهنجا ڪاغذ رد ڪيا ويا، ان فيصلي خلاف ٽربيونل سان رابطو ڪنداسين.ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجا نامزدگي ڪاغذ پي ايس 124 تي منظور ٿيا آهن، غلطي سان اين اي 243 جا ڪاغذ اين اي 242 تي جمع ڪرايا، هيومن ايرر جي بنياد تي منهنجا ڪاغذ رد ڪيا ويا، اين اي 243 ۾ هر هنڌان ڪليئرنس هئي، فيصلي خلاف اسان ٽربيونل سان رجوع ڪنداسين، اميد آهي ته انصاف ملندو.هن چيو ته ٻنهي پاسن کان غلطي ٿي آهي، سزا مون کي نه ملڻ گهرجي، گذريل 30 سالن کان اسان جو چونڊ تڪ آهي، هتي اسان سان زيادتي نه ٿيڻ گهرجي. ٽربيونل مان منهنجي حق ۾ فيصلو ايندو ته چونڊ مهم شروع ڪندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے