24 سومر , سيپٽمبر 2018

ڪوئيٽا: پوليس اهلڪار جي گاڏيءَ تي فائرنگ، 2 ڄڻا  قتل

Quetta: Police firing on police personnel, 2 killedڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) نوان ڪلي ۾ پوليس اهلڪار جي گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي سندس پٽ ۽ ويجهو مائٽ مارجي ويا جڏهن اهلڪار سخت زخمي ٿي پيو. نجي ٽي وي چينل جي رپورٽن موجب ڪوئيٽا جي علائقي نوان ڪلي ۾ پوليس اهلڪار پنهنجي نجي ڪار ۾ پٽ ۽ ويجهي مائٽ سان گڏ  گهر ڏانهن وڃي رهيو هو ته ان دوران رستي ۾ سندن انتظار ۾ ويٺل جوابدارن گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار ٽئي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.واقعي جا اطلاع ملندي ئي ريسڪيو اهلڪار ٿڏي تي واقعي واري هنڌ پهتا ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو جتي پوليس اهلڪار جو پٽ ۽ ويجهو مائٽ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا جڏهن ته پوليس اهلڪار کي سخت زخمي حالت ۾ سي ايم ايڇ ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي جتي سندس حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.حملي جو شڪار ٿيندڙ اهلڪار جناح ٽائون ٿاڻي جو سب اسنپڪٽر آهي ۽ انويسٽيگيشن سڪيشن ۾ مقرر آهي. ان موقعي ميڊيا سان  ڳالهائيندي  ڊي آءِ جي ڪوئيٽا چيو ته واقعو ظاهر طور تي ٽارگيٽ ڪلنگ لڳي رهيو آهي، واقعي بعد علائقي ۾ سخت چيڪينگ جو سلسو جاري آهي جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي جڏهن ته واقعي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن.ياد رهي ته بلوچستان جي علائقي دشت ۾ اڄ ئي سيڪيورٽي ٽيمن ڪاروائي ڪئي جنهن ۾ 4 دهشتگرد مارجڻ دعويٰ ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ پوليو مهم سڀاڻي کان شروع ٿيندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ پنج ڏينهن واري پوليو مهم سڀاڻي کان شروع ٿيندي، صحت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے