23 آچر , سيپٽمبر 2018

اڄوڪو نوجوان قومي اميدن تي پورو لهڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو: محمد زبير

Today, young youth have the full potential of fulfilling national hopes: Mohammad Zubair ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته 25 جولاءِ 2018ع تي ٿيندڙ عام چونڊون ملڪي تاريخ جي روشن مستقبل جو تعين ڪنديون، جنهن ۾ نوجوان اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ملڪ جي ڪل آبادي جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نوجوان پاڪستان جو اثاثو آهن، اهي نوجوان عام چونڊن ۾ حصو وٺي عوام جي بهتر نموني رهنمائي ڪري سگهن ٿا، قوم کي پنهنجي نوجوانن مان اميدون آهن، مون کي يقين آهي ته اڄوڪو نوجوان قومي اميدن تي پورو لهڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو.اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ يوٿ پارليامينٽ جي باني چيئرمين رضوان جي قيادت ۾ آيل وفد سان ملاقات دوران ڪيو. سنڌ جي گورنر چيو ته گذريل حڪومت 5 سالن دوران ملڪ کي مستحڪم ڪيو، 2013ع ۾ پاڪستان جون حالتون خراب ٿي چڪيون هيون، صنعتون بند ٿي ويون هيون، ڪو به سيڙپڪار هتي اچڻ لاءِ تيار نه هو، بيروزگاري وڌي وئي هئي، توانائي بحران سبب 16-16 ڪلاڪن تائين بجلي غائب هوندي هئي، نهايت خراب حالتن ۾ گذريل حڪومت کي اقتدار مليو.هن چيو ته گذريل 5 سالن دوران ترقي جي دشمن بار بار رنڊڪ وڌي، ڪڏهن احتجاج، ڪڏهن ڌرڻا ته ڪڏهن رڪاوٽون وڌيون ويون پر قومي جذبي سان سرشار حڪومت ملڪ جي قسمت سنوارڻ جو عهد ڪيو ۽ ڏينهن رات محنت ڪري ملڪ کي خوشحال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي، اڄوڪو پاڪستان پرامن، قومي معيشت مستحڪم، توانائي طلب کان وڌيڪ ۽ روزگار جا موقعا موجود آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے