23 آچر , سيپٽمبر 2018

26 جولاءِ تي جيڪو سج اڀرندو اهو ڪرپشن کان پاڪ ۽ پاڪستان جي اصل آزادي جو سج هوندو: ابرار الحق

 نارو وال(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ ابرار الحق چيو آهي ته چونڊن ۾ عوام جي طاقت سان سياسي مخالفن جي ڳچي مان سريو ڪڍي ڇڏينداسين، اڄوڪو ووٽر عمران خان سان گڏ آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ن ليگ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، ن ليگ جي ڪرپشن ۽ پاڪستان خلاف پاليسيون اڳيان آيون آهن، انشاءَ لله 25 جولاءِ تي پي ٽي آءِ ڪاميابي حاصل ڪندي. هن چيو ته 26 جولاءِ تي جيڪو سج اڀرندو اهو ڪرپشن کان پاڪ ۽ پاڪستان جي اصل آزادي جو سج هوندو، ن ليگ کي ووٽ ڏيڻ انڊيا ۽ يهودين کي ووٽ ڏيڻ برابر آهي، جيترو ڪم اسان حڪومت ۾ اچڻ کانسواءِ عوام لاءِ ڪيو آهي، اهو ڪم حڪومت ۾ رهندي نه ڪري سگهيا.هن چيو ته سهارا ميڊيڪل ڪمپليڪس ۾ 30 لک مريضن جو مفت علاج ڪيو، ميڊيڪل ڪاليج ٺاهيو، اسان نارو وال ۾ هاڻي ايئرپورٽ ٺاهينداسين، پي ٽي آءِ مورثي سياست کي ختم ڪندي، تحريڪ انصاف نارو وال کي مثالي ضلعو بڻائيندي، ڪي پي ڪي وانگر به نارو وال ۾ تعليم جو نظام بهتر ڪنداسين، ڪي پي ڪي ۾ پرائيويٽ اسڪولن مان اڍائي لک ٻارڙا سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ٿيا آهن، ايندڙ 5 سالن ۾ اسان اهو ڪم ڏيکارينداسين جيڪو گذريل 30 سالن ۾ نه ٿيو هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے