25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

بلوچستان: دشت تيره ميل ۾ سي ٽي ڊي جي ڪاروائي، عورت سميت چار دهشتگرد مارجي ويا

Balochistan: CDD operations in just three miles, including women including four terroristsڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي تيره ميل ۾ سي ٽي ڊي جي ڪاروائي دوران  هڪ عورت سميت 4 مبينا دهشتگرد مارجي ويا جڏهن فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.  سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب هڪ دهشتگرد پوليس جي بڪتربند گاڏي ويجهو اچي پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو جڏهن ته ٻيو دهشتگرد جوابي فائرنگ ۾ مارجي ويو. سي ٽي ڊي موجب دشتگردي ساٿين جي نشاندهي لاءِ  آيل ٽيون دهشتگرد به فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ مارجي ويو. سي ٽي ڊي ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگردن ۾ هڪ عورت به شامل آهي. ڪاروائي دوران چار پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿيا. ٻئي پاسي ريسڪيو ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ڌماڪي واري هنڌ تان هڪ 5 ورهين جي ٻارڙي جو لاش پڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جيڪو فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ مارجي ويو آهي، جڏهن اڃان تائين سرڪاري ذريعن طرفان ان جي ترديد يا تصديق ناهي ڪئي وئي. دهشتگردي جي واقعي بعد فرنٽيئر ڪور(ايف سي) کي موقعي تي طلب ڪيو ويو.  اختيارين موجب ايف سي اهلڪارن دهشتگردن جي استعمال هيٺ گهر کي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو، جتي تلاشي دوران ڪمپائونڊ مان مختلف قسمن جا هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو. هوڏانهن آءِ جي بلوچستان محسن حسن بٽ پڻ دهشتگردن خلاف آپريشن واري هنڌ جو دورو ڪيو، جتي کيس سي ٽي ڊي اختيارين آپريشن بابت بريفنگ ڏني.  آءِ جي بلوچستان ان موقعي تي دهشتگرد خلاف آپريشن ۾ سي ٽي ڊي جي ڪاروائي جي تعريف ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے