22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

فواد چوڌري ۽ طلال چوڌري جو هڪ ٻئي خلاف اڻ وڻندڙن لفظن جي جنگ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري ۽ پاڪستان مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ طلال چوڌري هڪ ٻئي جي خلاف اڻ وڻندڙ لفظ استعمال ڪيا. اهو واقعو خانگي ٽي وي چينل جي هڪ پروگرام ۾ پيش آيو جنهن دوران پروگرام جو ميزبان مسلسل ٻنهي اڳواڻڻ کي روڪيندو رهيو پر هو نه بيهي سگهيا. ساڳئي پروگرام ۾ شريڪ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊئي پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ جي اڳواڻن طرفان اڻ وڻندڙ لفظن جي مذمت ڪئي.  هن چيو ته اِهي ٻئي پنهنجي سياسي سربراهن جي ڪري اهڙو رويو اختيار ڪيو ويٺا آهن.  هن چيو ته سياستدانن کي هڪ ٻئي جي لاءِ اڻ وڻندڙ لفظ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے