16 سومر , جولاءِ 2018

آصف زرداري، عمران خان ، فضل الرحمان ، بلاول ڀٽو ۽ شهباز شريف سميت ڪيترن ئي سياستدانن جا نامزدگي ڪاغذ منظور

اسلام آباد / ڪراچي( ويب ڊيسڪ )2018جي عام چونڊن لاءِ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي جنهن دوران اميدوارن جا نامزدگي فارم منظور يا رد ٿيڻ وارو سلسلو جاري رهيو . عمران خان ، آصف زرداري  ۽ شهباز شريف سميت  ڪيترن ئي سياستدانن  جا نامزدگي ڪاغذ  منظور ڪيا ويا . آصف علي زرداري جا نوابشاه جي اين اي 213  تي نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا . پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جا نامزدگي ڪاغذ اين اي 246 لياري جي سيٽ لاءِ منظور ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اين اي 240 تان پاڪستان تحريڪ انصاف جي خان زمان خٽڪ جا نامزدگي فارم درست قرار ڏنا ويا آهن. اين اي 132 لاهور لاءِ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ حمزا شهباز شريف نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن جنهن تي ريٽرننگ آفيسر اسلم پنجوته فيصلو محفوظ ڪيو هو. جمعيت علماءَ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جا ڊيرا اسماعيل خان جي تڪ اين اي 36 تان نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا آهن. ڪراچي جي ڊپٽي ميئر ارشد ووهرا جا اين اي 254 ۽ اين 255 تان نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ محمد حسين خان جا اين اي 245 تان نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي اين اي 243 گلشن قبال تان جمع ڪرايل نامزدگي فارم جي اسڪروٽني اڄ ٿيندي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي جي اين اي 254 ۽ اين اي 242 تان متحده مجلس عمل جي اسد الله ڀٽو جي فارمن تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو. اين اي 53 اسلام آباد لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ۽ عائشه گلالئي جي نامزدگي فارمن جي اسڪروٽني ۽ اعتراضن تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو. گوجرانوالا جي تڪ اين اي 80 تان طارق محمود ۽ امتياز صفدر ورائچ جا نامزدگي ڪاغذ تي پڻ اڄ فيصلو ٿيندو. ٻنهي اميدوارن هڪ ٻئي خلاف اعتراض داخل ڪرايا آهن. قصور جي صوبائي اسمبلي پي پي 176 تان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ملڪ محمد احمد خان جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن.  ڪي پي ڪي جي اليڪشن ڪميشن موجب قومي اسمبلي توڙي صوبائي اسمبلي جي لاءِ 78 اقليتي اميدوارن جي نامزدگي فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي، جڏهن جنرل سيٽن لاءِ 413 اميدوارن جي فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اميدوارن جي غير حتمي فهرست اڄ جاري ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيڪيورٽي فورسز جون بلوچستان ۾ ڪارروايون، 4 دهشتگرد مارجي ويا، 3 گرفتار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي آواران ۽ سبي ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪارروايون ڪندي چئن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے