16 سومر , جولاءِ 2018

عمران خان گورنر ڪي پي کي عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ)  ن ليگ جي گورنر  خيبر پختونخوا  وٽ فاٽا جا مالياتي  ۽ انتظامي  اختيار   بنا دير کسي عهدي هٽايو وڃي  . عمران خان نگران وزيراعظم کي خط لکي  ڇڏيو آهي .  پاڪستان تحريڪ انصاف  جي سربراهه  عمران خان  پاران  نگران  وزيراعظم  کي خط  ، رياستي ڍانچي  ۾ 3 وڏين خامين سبب   چونڊن جو شفاف  منعقد ٿيڻ غير يقيني آهي .  عمران خان خط  ۾لکيو آهي ته  خيبر پختونخوا  جو گورنر  اقبال ظفر جهگڙا  وٽ  هاڻي به مالياتي ۽ انتظامي  اختيار موجود آهن  . گورنر  جو تعلق ن ليگ سان آهي اهو فاٽا  ۽ ڪي پي  جي سياسي معاملن   ۾ مداخلت  ڪري رهيو آهي . گورنر جو ڪردار  تڪراري آهي اهو هڪ پارٽي جي  حمايت  ڪري رهيو آهي .  گورنر جو ڪردار  تڪراري آهي . هن  خط ۾ نگران وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته  گورنر ڪي پي  کي بنا دير عهدي تان هٽايو وڃي .  جيڪڏهن ان کي نه هٽايو ويو ته شفاف چونڊون سواليه نشان بڻجي وينديون.  عمران خان خط ۾ اهو به لکيو آهي ته  وفاقي حڪومت   جي ماتحت بيورو ڪريسي  اڃا تائين  تبديل ناهي ڪيو ويو .  اڃا تائين ن ليگ جا  آفيسر عهدن تي ويٺل آهن  ۽ اها  پي پي پي ۽  ن ليگ جي مقرر  انتظاميا  آهي . هن چيو ته نگران حڪومت  سست  رو.ي سان پنهنجا اختيار استعمال ڪري رهي آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيڪيورٽي فورسز جون بلوچستان ۾ ڪارروايون، 4 دهشتگرد مارجي ويا، 3 گرفتار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي آواران ۽ سبي ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪارروايون ڪندي چئن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے