22 آچر , جولاءِ 2018

جن وٽ سهارو آهي لوٽن جي ڊوڙ انهن ڏانهن آهي: مولا بخش چانڊيو

Mian Sahib will not play half the truth, be told to get the patriotic decision to get Musharraf chandioڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سڌُ سماءَ واري سيڪريٽري سينيٽر مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته بي اصولن ۽لوٽن جي ڊوڙ سهارو وٺندڙن ڏانهن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. مولا بخش چانڊئي جو چوڻ هو ته پراڻن لاڏلن جي قطارن ۾ ڏڦيڙ پيدا ٿي چڪو آهي. هن چيو ته پ پ مخالف قوتون اليڪشن کان پهرين ئي ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهن ۽ موقعي پرست ڇڙوڇڙ ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن ن ليگ جي اندر ڏڦيڙ عروج تي آهي. مولا بخش چانڊئي چيو ته اِها پهرين چونڊ آهي جيڪا مسلم ليگ ن بنا ڪنهن سهاري جي وڙهي رهي آهي، جنهن کي سهارو ميسر آهي لوٽا اوڏانهن ئي ڊوڙندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته نااهل وزير اعظم نواز شريف جي بيان کي شڪست جو اعتراف قرار ڏيندي چيو ته ن ليگ چونڊن کان اڳ پنهنجي شڪست قبولي چڪي آهي.  چونڊن جي سلسلي ۾ پيپلز پارٽي جي تيارين جي سلسلي ۾ سندس چوڻ هو ته پ پ اليڪشن جو پهريون مرحلو بردباري سان طئي ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ٽڪيٽ جي ورڇ جو عمل خوش اسلوبي سان طئي ٿي ويو آهي، پيپلز پارٽي آصف زرداري ۽ بلاول جي قيادت ۾ اليڪشن وڙهڻ جي لاءِ تيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته مخالفن وٽ الزامن ۽ گارين کان سواءِ ڪجهه به ناهي جڏهن ته پ پ وٽ قربانين سان ڀريل ماضي ۽ روشن مستقبل جو منشور آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Rangers in different cities, 7 suspects arrested, weapons hand

رينجرز جون مختلف شهرن ۾ ڪاروائيون، 7 جوابدار گرفتار، هٿيار هٿ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) رينجرز طرفان صوبي جي مختلف شهرن ۾ ڪاروائيون ڪيون ويون جنهن جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے