20 خميس , سيپٽمبر 2018

والاريل ڪشمير جي ڪٺ پتلي وڏي وزير محبوبه مفتي مستعفيٰ

سرينگر(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتيا جنتا پارٽي طرفان اتحادي حڪومت کان الڳ ٿيڻ واري اعلان بعد ڪٺ پتلي وڏي وزير محبوبه مفتي پنهنجي استعيفيٰ گورنر ڏانهن موڪلي ڇڏي. ڀارتي ميڊيا موجب والاريل ڪشمير ۾ ڪٺ پتلي حڪمران پارٽي پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي سان اختلاف کان پوءِ ڀارتيا جنتا پارٽي حڪومتي اتحاد کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو جنهن بعد ايوان ۾ اڪثريت نه هئڻ جي ڪري وڏي وزير محبوبه مفتي پنهنجي استعيفيٰ گورنر ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي. جنهن بعد هاڻ والاريل ڪشمير جي اسيمبلي جي ٽٽڻ ۽ وادي ۾ گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن. محبوبه مفتي جي مستعفيٰ ٿيڻ کان اڳ بي جي پي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مرڪزي پارٽي اڳواڻن کان سواءِ والاريل ڪشمير جي اتحادي حڪومت ۾ شامل بي جي پي جي وزيرن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پارٽي پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي سان اتحاد کي ختم ڪرڻ ۽ اتحادي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے