16 خميس , آگسٽ 2018

نيوز: مهيش ملاڻي، ارباب امير امان الله ۽ ارباب لطف الله کي ٽڪيٽ جاري

Mahesh malhani, Arbab Amir Amanullah, and Arbab lutafullah were ticketingپ پ پي ايس 56 اسلام ڪوٽ تي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي،اين اي 222 تي ارباب امير امان الله ۽ پي ايس 57 ڏيپلو تي ارباب لطف الله کي ٽڪيٽ جاري ، فقير شير محمد بلالاڻي ۽ ڊاڪٽر کٽومل ٽڪيٽن جي ڊوڙ مان آئوٽ ٿي ويا

 پيپلز پارٽي قيادت ٿر جي رهيل تڪن تي ٽڪيٽن جاري ڪرڻ جو اعلان ڪندي پي ايس 56 اسلام ڪوٽ تي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي،اين اي 222 تي ارباب امير امان الله ۽ پي ايس 57 ڏيپلو تي ارباب لطف الله کي ٽڪيٽون ڏنيون

فقير شير محمد  بابلاڻي ۽ کٽو مل جيوڻ کي ٽڪٽ جاري نه ڪئي، جنهن جي ڪري شير محمد بابلاڻي قيادت کان ناراض ٿي ويو

 ٻڌايو  پيو وڃي ته شير محمد بابلاڻي اڄ سڀاڻي ڪنهن به وقت پريس ڪانفرنس ڪندي  پنهنجي سياسي مستقبل جو اعلان ڪندو

 ٻڌايو پيو وڃي ته ٿر ۾ رهيل تڪن تي فقير شير محمد بابلاڻي ۽ کٽو مل کي ٽڪيٽون جاري ڪرڻيون هيون پر  زبردست لابنگ ڪئي وئي

 هوڏانهن پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري پ پ ڪارڪنن کي اليڪشن جي تياريون شروع ڪرڻ جون هدايتون ڪندي بيان بازي کان پاسو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kashmore: Thieves stole everything from shops before Eid and its shopping

نيوز: ڪشمور: عيد ڌام ڌوم سان ملهائڻ لاءِ چور سرگرم، هڪ ڏينهن ۾ ڪيتريون چوريون؟

* ڪشمور ۾ عيد ڌام ڌوم سان ملهائڻ لاءِ چور به سرگرم ٿي ويا آهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے