18 اربع , جولاءِ 2018

اليڪشن ڪميشن وڏي انتظامي بحران جو شڪار، اليڪشن معاملا متاثر ٿيڻ جو خدشو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ۾ ڪيترائي اهم ترين عهدا خالي هئڻ جي ڪري عام چونڊن جا معاملا متاثر ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. تفصيل موجب عام چونڊن ۾ رڳو 5 هفتا بچيا آهن پر سڄي ملڪ صاف، شفاف ۽ غير جانبدار اليڪشن جي شروعات جي ذميوار اداري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان  کي آفيسرن جي بحران کي منهن ڏيڻو پيو پوي جنهن جي ڪري اليڪشن جا معاملا متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ ترقيون نه ڏيڻ سبب آفيسرن جو بحران پيدا ٿيو، ٻه صوبائي اليڪشن ڪمشنرن سميت ڪيترائي اهم عهدا موجوده آفيسر هلائي رهيا آهن، هن وقت 2 ايڊيشنل سيڪريٽريز، 3 ڊائريڪٽر جنرلز، 3 ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرلز، 3 ڊائريڪٽرز ۽ 7 ريجنل اليڪشن ڪمشنرن سميت گريڊ 18 کان 21 جون ڪيتريون ئي سيٽون خالي آهن. ڊاڪٽر اختر نذير جي بلوچستان جي چيف سيڪريٽري مقرر ٿيڻ سان ايڊيشنل سيڪريتري جو عهدو خالي ٿيو، ظفر اقبال ملڪ کي صوبائي اليڪشن ڪمشنر پنجاب لڳائڻ سبب ايڊيشنل سيڪريٽري ٽريننگ جو عهدو خالي ٿيو آهي. ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان نديم قاسم انتظامي بحران جي تصديق ڪئي آهي پر هن چيو ته ان بحران سان عام چونڊون متاثر نه ٿينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بلاول کي مسئلن جي ڪهڙي خبر، زرداري به جلد اڊيالا ويندو: عمران خان

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے