21 جمعو , سيپٽمبر 2018

توهين عدالت ماڻهن کي بليڪ ميلنگ جو ذريعو بڻجي وئي آهي : چيف اليڪشن ڪمشنر

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) چيف اليڪشن ڪمشنر  سردار رضا  جو چوڻ آهي ته  جڏهن به ڪنهن شريف ماڻهو کي گهليو وڃي ٿو ته توهين عدالت جي درخواست  داخل  ڪري ڇڏيو  اهو بليڪ ميلنگ  جو ذريعو  بڻجي ويو آهي .  اليڪشن ڪميشن  ۾ اين اي 166 تان اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر  رانا زاهد حسين  خلاف  توهين عدالت ۽ جعلي ڊگري  ڪيس جي ٻڌڻي  ٿي .  ڪيس جي ٻڌڻي  چيف اليڪشن ڪمشنر  سردار رضا  ۽ آفتاب حسين  جي وڪيل  اليڪشن ڪميشن  سامهون  پيش  ٿيا .  رانا زاهد حسين  خلاف درخواست  گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته  رانا زاهد حسين  جعلي ڊگري تي  3 چونڊون وڙهي چڪو آهي  هن 2002  ، 2007  ۽ 2013 جي اليڪشن  جعلي  ڊگري تي  وڙهي  آهي .  بلوچستان  يونيورسٽي  به ان  جي ڊگري کي جعلي قرار   ڏئي چڪي آهي .  درخواستگذار  جي وڪيل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي  پنجاب جي ميمبر  الطاف ابراهيم قريشي  ريمارڪس ڏيندي  چيو ته اوهان آرٽيڪل  254 کي ناهي ڏٺو  نه ئي هاءِ ڪورٽ پڙهيو  اوهان  اليڪشن ڪميشن  خلاف هاءِ ڪورٽ  ۾ توهين  عدالت جي درخواست  ڏئي ڇڏي  ڇا  اوهان  کي معلوم ناهي  ته  هتي ڇا ڪم ٿي رهيو آهي . اوهان دٻاءُ وجهڻ لاءِ   توهين عدالت جي درخواست  ۽ آءِ سي  اي به داخل ڪري ڇڏي.  وڪيل درخواستگذار   جواب ڏنو ته  تسليم  ڪريان ٿو ته  اليڪشن ڪميشن  خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرڻ غلط هئي . چيف اليڪشن ڪمشنر  ريمارڪس ڏيندي چيو ته  توهين عدالت هڪ بليڪ ميلنگ  ڪرڻ جو ذريعو بڻجي چڪي آهي .  جڏهن  به  ڪنهن شريف کي گهلڻو  هجي ته  توهين عدالت  داخل ڪري ڇڏيو . رانا زاهد حسين  جي وڪيل اپيل ڪئي ته هنن کي ٻن يا ٽن ڏينهن جو وقت ڏنو وڃي.  اليڪشن ڪميشن زاهد حسي4ن کي ايندڙ ٻڌڻي لاءِ  هاءِ ڪورٽ آرڊر   آڻڻ جي  هدايت  ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي  21 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے