23 آچر , سيپٽمبر 2018

نگران وزير اعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي اثاثن جي تفصيل جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن نگران وزير اعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ ۽ پنجاب جي نگران وڏي وزير حسن عسڪري جي اثاثن جي تفصيل جاري ڪري ڇڏي. ميڊيا جي رپورٽن موجب نگران وزير اعظم ناصر الملڪ جي نالي تي پاڪستان ۾ 14 ملڪيتون آهن، هن جون سوات ۾ 8 مختلف ايراضيون گفٽ ظاهر ڪيون ويون جڏهن ته پشاور ۾ ايراضي به والد جي طرفان گفٽ ظاهر ڪئي وئي آهي. اسلام آباد ڊي 12 ۽ جي 14 ۾ هڪ هڪ ڪنال جو گهر جڏهن ته ڊپلوميٽڪ انڪليو ۽ ڪنسٽي ٽيوشن اپارٽمينٽ ۾ هڪ هڪ اپارٽمينٽ به نگران وزير اعظم جي ملڪيت آهي. نگران وزير اعظم جي نالي تي سنگاپور ۽ لنڊن ۾ ملڪيتون آهن، سندس گهرواري جي لنڊن ۾ ملڪيت جي ماليت 850، 272 پائونڊ آهي جڏهن ته ناصر الملڪ جي اثاثن ۾ 31 لک رپين جا زيور ۽ 65 لک رپين جي ماليت جو فرنيچر به شامل آهي. دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نگران وزير اعظم جا 4 مختلف بينڪن ۾ 10 ڪروڙ 25 لک رپين کان جي رقم موجود آهي. سندس هونڊا سوڪ 2012 ماڊل جي ڪار جي ماليت 10 لک رپيا آهي جڏهن ته ٽويوٽا 2012 ماڊل جي ماليت 48 لک رپيا ظاهر ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي پنجاب جي نگران وڏي وزير حسن عسڪري جي اثاثن ۾ 70 لک رپين جي ماليت جو گهر شامل آهي، ان کان سواءِ حسن عسڪري وٽ 9 لک 30 هزار رپيا ڪيش ۽ پرائز بانڊ آهن. اليڪشن ڪميشن موجب حسن عسڪري وٽ هڪ ڪروڙ رپين جو بينڪ بيلنس آهي ۽ هو 2 ڪروڙ رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي. ان کان سواءِ نگران حڪومت جي ٻين وڏن وزيرن ۽ وزيرن اليڪشن ڪميشن جي حڪمن تي عمل ناهي ڪيو، ناصر الملڪ، شمشاد اختر، اعظم خان، دوست محمد ۽ حسن عسڪري کان سواءِ ڪنهن به تفصيل ناهي ڏني. ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن نگران وڏن وزيرن ۽ ڪابينا کي خاطري جو خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ خط ۾ فوري طور تي اثاثن جي تفصيل جمع ڪرائڻ جو چيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے