24 سومر , سيپٽمبر 2018

ڊيرا غازي خان: عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ سوشل ورڪر آسيا اڪبر قتل

ڊيرا غازي خان(ويب ڊيسڪ) پنجاب صوبي جي شهر ڊيرا غازي خان ۾ عورتن جي حقن جو آواز اٿاريندڙ سوشل ورڪر آسيا اڪبر کي سندس ننڍي ڀيڻ جي سهري فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب آسيا اڪبر جي قتل جو واقعو ڊيرا غازي خان جي علائقي بستي فوجا ۾ پيش آيو. شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو ته ڪجهه عرصو اڳ مقتولا آسيا جي ننڍي ڀيڻ اقصيٰ شادي کان پوءِ خان پور هلي وئي هئي، شادي کي رڳو 15 ڏينهن ئي مَسَ گذريا هئا ته مقتولا آسيا اڪبر پنهنجي ڀيڻ جي ساهرن جي گهران واپس وٺي آئي. پوليس موجب اقصيٰ جي سهري کي شڪ هو ته آسيا هن کي گهروارن خلاف گمراهه ڪري رهي آهي، جنهن تي هن آسيا اڪبر کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو. پوليس موجب آسيا جي قتل کان پوءِ اقصيٰ به گم آهي. ٻئي پاسي معاملي تي قانوني ڪارروائي جاري آهي ۽ جوابدار جي گرفتاري جي لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Fake Bank Account Cases: I submitted an earlier pre-report report

جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس: جي آءِ ٽي پهرين اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس جي ٻڌڻي دوران گڏيل جاچ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے