21 جمعو , سيپٽمبر 2018

چوڌري نثار ٻين ڏانهن آڱريون کڻندو ته ان ڏانهن به آڱريون کڄنديون: راڻا ثناءُ الله

فيصل آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ پنجاب جي اڳوڻي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته چوڌري نثار ٻين ڏانهن آڱر کڻندو ته چار آنڱرين جو رخ هن ڏانهن به هوندو. فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چوڌري نثار جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو ته چوڌري نثار کي ان کان پهرين ائين ناهي ڏٺو، سندس لهجي ۾ تلخي هئي ۽ جيڪا ڳالهه ٻولهه هن ڪئي اها شايان شان ناهي. هن چيو ته چوڌري نثار جو نواز شريف سان پراڻو ساٿ رهيو، کيس گهرجي ته هو ان ساٿ کي خوبصورت موڙ تي ختم ڪري، قتض لاهڻ واري ڳالهه يا جتائڻ واري ڳالهه مان ڪجهه حاصل نه ٿيندو. جيڪڏهن توهان ٻئي ڏانهن آڱر کڻندا ته چار آڱرين جو رخ اوهان ڏانهن به هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے