20 خميس , سيپٽمبر 2018

عائشه گلالئي عمران خان ۽ اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جا ڪاغذ چيلينج ڪري ڇڏيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف گلالئي جي چيئرپرسن عائشه گلالئي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 53 تان عمران خان ۽ اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جا ڪاغذ چيلينج ڪري ڇڏيا ۽ پي ٽي آءِ جي چيئرمين خلاف اعتراض آر او وٽ جمع ڪرائي ڇڏيا. ميڊيا جي رپورٽن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي باغي اڳواڻ ۽ پي ٽي آءِ جي جي چيئرپرسن عائشه گلالئي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 53 تان عمران خان جا نامزدگي وارا ڪاغذ چيلينج ڪري ڇڏيا ۽ ڪپتان خلاف اعتراض آر او وٽ جمع ڪرايا. عائشه گلالئي جو چوڻ هو ته شاهد خاقان عباسي قرض معاف ڪرايا آهن جڏهن ته پي ٽي آءِ جي چيئرمين تي سيڪريٽريٽ اسلام آباد ٿاڻي ۾ ڌرڻي 2014ع ۾ ڪريمنل ڪيس آهي، عمران خان تي مختلف عدالتن ۾ فوجداري ڪيس آهي، هو مفرور آهي، عمران خان پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪيو.  عائشه گلالئي الزام هنيو ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي ڌيءَ به آهي جنهن کي ظاهر ناهي ڪيو ويو، ان کان سواءِ عمران خان جون مڪڙيال سميت ڪيتريون ئي ملڪيتون آهن جيڪي نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ داخل ناهن، عمران خان چيو هو ته قرض نه وٺندس، پوءِ به 325 ارب جا قرض ورتا ويا، هن چيو ته عمران خان صادق ۽ امين ناهي رهيو، ان ڪري ٻنهي جا نامزدگي وارا ڪاغذ رد ڪيا وڃن. ريٽرننگ آفيسر عمران خان جي خلاف عائشه گلالئي جا اعتراض رکي ڇڏيا، آر او جو چوڻ هو ته اسڪروٽني کان اڳ اعتراض داخل ڪري سگهن ٿا، عمران خان جي ڪاغذن جي اسڪروٽني ٿي چڪي آهي، هاڻ اسڪروٽني جو وقت نڪري چڪو آهي، ان ڪري اعترا نٿا وٺي سگهجن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے