24 سومر , سيپٽمبر 2018

اين اي 53: عمران خان، شاهد عباسي ۽ عائشه گلالئي جا نامزدگي فارم رد

NA 53: The nomination forms of Imran Khan, Shahid Abbasi and Ayesha Gulalai rejectedاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايندڙ عام چونڊن لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، پي ٽي آءِ  کان ڌار ٿيل عائشه گلالئي ۽ مسلم ليگ ن جي ميمبر مهتاب عباسي جا قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 53 تان جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا. اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ حلفي بيان جي شڪ”اين“ جي تحت طئي ٿيل طريقڪار جي پورو نه لهڻ تان رد ڪيا ويا. ريٽرننگ آفيسر موجب چئني اميدوارن پنهنجي تڪ ۾ عوام جي مفاد جي ڪمن جا تفصيل نه ڏنا هئا.  يا د رهي ته جسٽس اينڊ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوار عبدالوهاب جي طرفان عمران خان جي خلاف اعتراض ريٽرننگ آفيسر کي جمع ڪرايا ويا جنهن تي ٻنهي ڌرين جي وڪيلن طرفان اڄ دليل مڪمل ڪيا ويا. ڌرين دليل مڪمل ٿيڻ بعد آر او اعتراضن تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ عدالت ۾ چيو ته درخواست گذار اعتراضن ۾ اخباري ڪٽنگ ۽ فوٽو اسٽيٽ جون ڪاپيون جمع ڪرايون جنهن تي يقين نٿو ڪري سگهجي ۽ فوٽو اسٽيٽ ڪاپين تي يقين ڪرڻ جو مقصد اميدوارن کي چونڊن جي بنيادن حقن کان محروم رکڻ آهي. بابر اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته درخواست ۾ آمريڪي عدالت جي هڪ فيصلي کي سامهون آندو ويو، آمريڪي عدالت جي فيصلي ۾ نينگريءَ جي پيءُ جو نالو ڪٿي لکيو ويو؟ پيءُ جو نالو ناهي، اهي فوٽو ڪاپيون آهن. عمران خان جي وڪيل چيو ته خالا کي ناهي خبر ته هن جو پيءُ ڪير آهي، حلف نامي ۾ خبر ناهي ڪهڙو عمران خان آهي، ۽ حلف نامو 18 نومبر سال 2004 تي لاهور ۾ تيار ڪيو ويو ۽ اهو 19 نومبر تي آمريڪي عدالت ۾ پهچي ويو، ان وقت پاڪستان کان آمريڪا لاءِ سڌو سنئون ڪا به فلائٽ نه ويندي هئي. ان موقعي ته ريٽرننگ آفيسر چيو ته دستاويزن  کان انڪار به ناهي ڪيو ويو، جنهن تي بابر اعواڻ چيو ته ڪالهه اسان دستاويزن کي رد ڪيو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ عمران خان کي صادق ۽ امين قرار ڏنو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے