20 خميس , سيپٽمبر 2018

توهين عدالت ڪيس:چونڊن تائين ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ وري درخواست رد،  اسان جو توهان جي تڪليفن سان ڪو به واسطو ناهي: عدالت جا ريمارڪس

Courtesy of Court: Refusing to submit a hearing to the court again, rejects the request of us, there is no connection with our problems: Justice Remarksاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ طلال چوڌري جي چونڊون مڪمل ٿيڻ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي،  21 جون تي ثبوت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان کي توهان جي تڪليفن سان ڪو به واسطو ناهي، ڪيس ملتوي ناهيون ڪري رهيا، محترم جج ڪيس لاءِ ڪراچي کان آيا آهن ٻڌيو ته ڪيس پاڻ وڙهندئو؟ تفصيل موجب جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ طلال چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، اڳوڻي وقافي وزير جو وڪيل ڪامران مرتضيٰ عدالت ۾ پيش نه ٿيو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران طلال چوڌري چيو ته اليڪشن جي مرحلي مان گذري رهيو آهيان، چونڊن ٿيڻ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي، اڳ ئي مشڪل سان وڪيل مليو ، جنهن جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته هي ته توهان جو ڪاروبار آهي، ڇا توهان جو شاهد موجوڊ آهي؟ ان تي طلال چوڌري چيو ته کيس ڪا به خبر ناهي  وڪيل ڄاڻي ٿو، جسٽس گلزار سوال ڪيو ته عدالت اڳيان اهڙا بيان ڇو ڏئي رهيا آهيو؟ 21 جون تائين وڪيل پيش ڪيو يا متبادل جو بندوبست ڪيو. عدالت پيمرا جي، جي ايم آپريشن کي پڻ ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو آهي، ٻڌڻي دوران جونيئر وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪامران مرتضيٰ جي طبعيت ناساز آهي ۽ سندس ڀاڻيجي جي شادي پڻ آهي عدالت کان استدعا آهي ته ڪيس ملتوي ڪيو وڃي. جنهن تي جسٽس گلزار احمد طلال چوڌري کان سوال ڪيو ته ڪيس ملتوي ناهيون ڪري رهيا، محترم جج ڪراچي کان آيا آهن، ٻڌايو وڃي ته ڇا ڪيس توهان پان وڙهندئو. جنهن تي طلال چوڌري چيو ته ڪيس عام چونڊون ٿيڻ تائين ملتوي ڪيو وڃي، اڳ ئي مشڪل سان وڪيل مليو،  جنهن تي جسٽس گلزار چيو ته تقرير نه ڪيو، ڪيس ملتوي ڪرڻ ناممڪن آهي، اسان جو توهان جي تڪيلف سان ڪو به واسطو ناهي. جنهن بعد عدالت چونڊون مڪمل ٿيڻ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي طلال چوڌري کي 21 جون تائين ثبوت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: For the first time the existence of ISIL has been admitted: Abdul Khaliq Ali

امامِ عالي مقام جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي ضرورت آهي: آصف زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته حضرت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے