26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيب ريفرنسز: نواز شريف ۽ مريم نواز جي حاضر کان ڇوٽ واري درخواست داخل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت ۾ ايون فيلڊ ۽ العزيزيه اسٽيل مل ريفرنس جي ٻڌڻي دوران نواز شريف ۽ مريم نواز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪئي وئي. تفصيل موجب احتساب عدالت جي جج محمد بشير شريف خاندان خلاف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. نواز  شريف ۽ مريم نواز جي طرفان 7 ڏينهن لاءِ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪئي وئي. اڄ ٿيندڙ ٻڌڻي تي نواز شريف جو وڪيل خواجه حارث پڻ احتساب عدالت پهتو. جج محمد بشير خواجا حارث کان سوال ڪيو ته ڇا هو پنهنجي وڪالت نامي واري درخواست واپس وٺي رهيو آهي؟ ان سان گڏ ئي هن ريمارڪس ڏيندي چيو ته وڪالت نامو واپس وٺڻ واري توهان جي درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي. جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي چيو ته اسان ته مخالفت به نه ڪئي، پوءِ به درخواست خارج ٿي وئي. جنهن تي خواجه حارث جواب ڏنو ته اڳ هڪ ٻي درخواست ڏيڻي آهي، وڪيل طور موقف رکڻ منهنجو حق آهي، اسان کي به اهو پتو پيجي ويندو ته ڪيس گڏ هلندا يا ڌار . ان سان گڏ ئي هن جج محمد بشير کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ئي ٻڌايو ته هن ڪيس جي ڪاروائي کي ڪيئن اڳتي هلائڻو آهي، اسان جي اها ڪوشش نه هئڻ گهرجي جو هڪ ٻئي جو ٽنگون ڪڍندا وتون، اسان سڀني کي هڪ ٻئي سان سهڪار ڪرڻ جي ضرورت آهي.  خواجه حارث وڌيڪ سوال ڪندي  چيو ته هر شئي لاءِ قانون هوندو آهي، سپريم ڪورٽ هفتي تي به عدالت لڳائڻ جو چيو، اهو ڪهڙو قانون آهي؟ ان موقعي ته نواز شريف جي وڪيل جهانگير جدون جو چوڻ هو ته چيو پيو وڃي ته عدالت سزا ڇو ناهي ٻڌائي رهي. جنهن تي احتساب عدالت جي جج محمد بشير چيو ته عدالت جو هڪ طريقڪار هوندو آهي، منهنجي طرف کان کين چئي ڇڏيو ته توهان ڌر ناهيون ته ڳالهيون ڇو ڪري رهيا آهيو.ياد رهي ته عدالت العزيزيه اسٽيل مل ريفرنس ۾ پاناما جي آءِ آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ کي اڄ طلب ڪيو آهي.  ٻئي پاسي عدالت اڳوڻي وزير اعظم جي نياڻي مريم نواز جي وڪيل امجد پرويز کي پڻ حتمي دليلن لاءِ آخري موقعو ڏنو آهي. اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف پنهنجي نياڻي مريم نواز سان گڏ ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا پنهنجي گهرواري بيگم ڪلثوم نواز جي عيادت لاءِ لنڊن ۾ موجود آهي،ياد رهي ته سپريم ڪورٽ 10 جون تي ٻڌڻي دوران احتساب عدالت کي شريف خاندان جي خلاف نيب ريفرنسز تي هڪ مهيني اندر فيصلو ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آپريشن ردالفساد: ايف سي جي بلوچستان ۾ ڪاروائي، وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) سيڪيورٽي فورسز آپريشن ردالفساد تحت بلوچستان ۾ وڏي ڪاروائي ڪندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے