24 سومر , سيپٽمبر 2018

اوچ شريف ۾ ڪار ۽ جيپ ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا فوت

اوچ شريف(ويب ڊيسڪ) تيز رفتار ڪار ۽ جيپ جي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. پنجاب جي شهر اوچ شريف ۾ احمد پور روڊ تي سامهون ايندڙ تيز رفتار ڪار ۽ جيپ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ شخص زخمي ٿي پيو جنهن کي فوري طبي امداد جي لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ريسڪيو ذريعن موجب فوت ٿيل ٽئي دوست عيد کان پوءِ بهاولپور کان واپس اچي رهيا هئا جتي سندن ڪار حادثي جو شڪار ٿي وئي، ٽنهي ڄڻن جي سڃاڻپ سيد الرحمان، احتشام سولنگي ۽ فيصل جي نالن سان ٿي جن جا لاش اسپتال اماڻيا ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ پوليو مهم سڀاڻي کان شروع ٿيندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ پنج ڏينهن واري پوليو مهم سڀاڻي کان شروع ٿيندي، صحت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے