18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ جو ڪردار سامهون آڻڻ چاهيان ٿو: چوڌري نثار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي ناراض اڳواڻ چوڌري نثار جو چوڻ آهي ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ جو جيڪو ڪردار رهيو اُهو سامهون آڻڻ چاهيان ٿو. راولپنڊي ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي چوڌري نثار جو چوڻ هو ته جڏهن مسلم ليگ ن بڻائي رهيا هئاسين تڏهن 15 کان 20 ماڻهو هئا پر اڄ انهن مان هڪ به پارٽي ۾ موجود ناهي، انهن سمورن ماڻهن کي يا ته نواز شريف ڇڏي ڏنو يا هنن پارٽي ڇڏي ڏني. هن چيو ته نواز شريف گهڻو وڻندڙ سينيئر يا اهل نه هو جو پارٽي جو سربراهه بڻجي سگهي پر انهن ڏينهن دوران ڪنهن هڪ کي اڳتي ڪرڻو هو ته فيصلو ڪيو ويو ته نواز شريف کي اڳتي ڪيو وڃي. هن چيو ته 34 سالن کان نواز شريف جو بار کنيو، نواز شريف جا مون تي نه پر منهنجا مٿس ۽ شريف خاندان تي قرض آهن. اڳوڻي گهرو وزير چيو ته چاهيان ٿو ته اڄ ن ليگ ۽ نواز شريف جي حوالي سان کليل ڳالهيون ڪيان، ارادو هو ته ڪيتريون ئي دل جون ڳالهيون کولي سامهون رکان پر ميڊيا جي سامهون ڪيتريون ئي ڳالهيون نٿو ڪري سگهان. هن چيو ته نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ جو جيڪو ڪردار رهيو اهو سامهون آڻڻ چاهيان ٿو پر نواز شريف ۽ ن ليگ سان ڪجهه مهينن کان جيڪو ٿي رهيو آهي اُهو ٻڌائڻ جو موقعو ناهي مليو ڇو ته بيگم ڪلثوم ناز جي طبيعت خراب آهي. چوڌري نثار چيو ته ٿي سگهي ٿو ته منهنجا رستا نواز شريف کان الڳ ٿي وڃن، مون هميشه ڪنڌ مٿي کڻي سياست ڪئي آهي، ڪو به ڪم اصولن جي خلاف ناهي ڪيو. هن چيو ته نه آئون وڪامجڻ وارو آهيان نه ئي ضمير وڪڻڻ وارو آهيان، سياست رڳو عزت جي لاءِ ڪندس، ڪنهن جي پٺيان هٿ ٻڌي نه بيٺس ۽ نه ڪنهن جي چاپلوسي ڪئي. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته ووٽ کي عزت ڏيڻ وارو نعرو هڻندڙ شخص کي نظرانداز ڪري رهيو آهيان جيڪو 1985ع کان اليڪشن کٽيندو پيو اچي. هن چيو ته جيڪو مون کي خاموش رهڻ جو چوندو آهي ته ان کي چوان ٿو ته 25 جولاءِ تي عوام جواب ڏيندو. تحريڪ انصاف سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان چوڌري نثار چيو ته ان حوالي سان خبرون نه ڦهلايون وڃن، جيڪو فيصلو ڪندس سڀني کي ٻڌائيندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: Feudal locked school and captured its land

سپريم ڪورٽ فوجي عدالت مان سزا مليل چئن جوابدارن جي سزا روڪي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ  )  سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن مان سزا مليل  چئن جوابدارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے