23 آچر , سيپٽمبر 2018

پارٽي ٽڪيٽن جي ورڇ تي احتجاج، عمران خان جو فيصلو تبديل نه ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن طرفان عام چونڊن جي لاءِ پارٽي ٽڪيٽن جي ورڇ خلاف بني گالا ۾ احتجاج ڪيو ويو جڏهن ته عمران خان پنهنجو فيصلو تبديل نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. بني گالا ۾ عمران خان جي گهر ٻاهران تحريڪ انصاف جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ گڏ ٿيا ۽ سخت احتجاج ڪيو جنهن تي عمران خان به ڪارڪنن سان ملڻ لاءِ اُتي پهتو. ان موقعي تي ڪارڪنن سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پارليماني بورڊ سان گڏجي ميرٽ تي ٽيڪٽن جو فيصلو ڪيو ان ڪتي ڪنهن جي چوڻ تي پنهجو فيصلو تبديل نه ڪندس. عمران خان ڪارڪنن کي مخاطب ڪندي چيو ته اڄ توهان جي چون تي فيصلو تبديل ڪندس ته سڀاڻي وڌيڪ ماڻهو اچي ويندا، هتي جيڪڏهن 50 هزار ماڻهو به اچي وڃن تڏهن به فيصلو تبديل نه ڪندس، مون کي توهان جو نه پر اللاه جو خوف آهي. هن وڌيڪ چيو ته مون چيو آهي ته نظرثاني پٽيشن فائل ڪيو، غور ڪنداسين، توهان پلي ڪارڊ کڻي هتي آيا آهيو ڪو جلسو ته ناهي ٿي رهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے