21 جمعو , سيپٽمبر 2018

چيف جسٽس کدڙن فقيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار کدڙن فقيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪرڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران هڪ ڪميٽي قائم ڪندي فوري طور تي سفارشون طلب ڪري ورتيون. عدالتي حڪم تي ڪميٽي پنهنجون سفارشون سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪندي، جنهن موجب کدڙن فقيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ 7 ڏينهن ۾ مفت ۾ بڻائي ڏنا ويندا ۽ عدالتي فيصلي تي عملدرآمد جي لاءِ صوبائي ۽ ضلعي سطح تي 40 ڪميٽيون قائم ڪيون وينديون. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته کدڙن فقيرن جي مسئلن کي اجاڳر ڪرڻ جي لاءِ ورڪشاپ رٿيا ويندا، جنهن جي لاءِ ڪميٽي کي لا اينڊ جسٽس ڪميشن جو پليٽ فارم مهيا ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومون اسرائيلي ڌمڪين جو نوٽيس وٺن: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران گڏيل قومن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے