25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نادرا ۾ 3 کان وڌيڪ ماڻهن ڊيٽا ليڪ ڪئي، ان ڪري اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو هو: بابر اعواڻ

لاهور(ويب ڊيسڪ) عمران خان جي وڪيل بابر اڳواڻ جو چوڻ آهي ته نادرا ۾ 3 کان وڌيڪ ماڻهن ڊيٽا ليڪ ڪئي، ان ڪري اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو هو. عمران خان جي خلاف بي بنياد ڪيس بڻايا ويا اسان اعتراضن تي عدالت سان رابطو ڪنداسين.  ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ جو چوڻ هو ته عمران خان تي الزام لڳائيندڙن جي ڪاغذن کي ڪوڙو ثابت ڪيو، عمران خان جي خلاف بي بنياد ڪيس بڻايا ويا، اسان انهن جي ڪوڙن اعتراضن تي عدالت سان رابطو ڪنداسين ۽ ڪوڙ جي بنيدا تي اعتراض داخل ڪندڙن کي سزا ڏيارينداسين. هن وڌيڪ چيو ته نادرا ۾ 3 کان وڌيڪ ماڻهن ڊيٽا ليڪ ڪئي جنهن جي ڪري پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن کي نادرا جي چيئرمين کي برطرف ڪرڻ جي لاءِ خط لکيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے