19 اربع , سيپٽمبر 2018

عمران صاحب 5 سالن جي ڪارڪردگي ۽ اخلاق ۾ به فيل ٿي ويو: مريم اورنگزيب

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران صاحب 5 سالن جي ڪارڪردگي ۾ به فيل ۽ اخلاقيات ۾ به فيل ٿي ويو، عمران  صاحب هاڻ توهان جو حساب پاڪستان جي عوام جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن 25 جولاءِ تي آهي ۽ توهان هاڻ ئي روئڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. فواد چوڌري جي پريس ڪانفرنس تي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم اورنگزيب جو عمل ڏيندي چوڻ هو ته جيڪو عمران صاحب ۽ تحريڪ انصاف کان سوال ڪري ان کي گار، هاڻ الزام لڳائڻ ۽ گار ڏيڻ سان ڳالهه نه ٺهندي، عمران صاحب اڄ اليڪشن ڪميشن ۾ ڇو پيش نه ٿيو قوم کي ٻڌائي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان هاڻ روئڻ سان ڳالهه نه ٺهندي. خيبرپختونخواهه ۾ ڪم ڪيو ها ته اڄ روئڻو نه پوي ها، اليڪشن 25 جولاءِ تي آهي ۽ توهان هاڻ ئي روئڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته جيڪا پوکي آهي اها لڻڻي ته پوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے