24 سومر , سيپٽمبر 2018

سخت اعتراض هئڻ باوجود به عمران تي ڪو به اعتراض داخل ناهي ڪيو: سعد رفيق

Even if there is a serious objection, Imran Khan has not objected to any objection: Saad Rafiqueلاهور(ويب ڊيسڪ) ريلوي جي اڳوڻي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته قومي اسمبلي جو تڪ اين اي 131 عمران خان خان لاءِ خاص طور تي تيار ڪرايو ويو، اين اي 131 جي تياري ۾ قانوني اصول پڻ پامال ڪيا ويا، اين اي 131 ۾ انشاءَ الله شينهن ئي ڪامياب ٿيندو، سخت اعتراض هئڻ باوجود به عمران خان مٿان ڪو به  اعتراض داخل ناهي ڪيو. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ سعد رفيق چيو ته ووٽر مسلم ليگ ن کي بهترين ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ ڏيندا، هن چيو ته سياستدانن کي سياسي مقابلو عدالتن بجائي عوامي ميدان تي ڪرڻ گهرجي. سياسي مخالفن کي عدالتن ذريعي هارائڻ وارو عمران خان جو طريقو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين نفرت ۽ الزامن واري سياست ڦهلائڻ جو ذميوار آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ديامر ڀاشا ۽ مهمند ڊيم فنڊ جو نالو پي ايم سي فنڊ رکڻ جي منظوري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ديا مر ڀاشا ۽ مهمند ڊيم فنڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے