21 جمعو , سيپٽمبر 2018

امڙ اڃان تائين هوش ۾ ناهي آئي، ڊاڪٽر پوري ڪوشش ڪري رهيا آهن: حسين نواز

The parents are still not conscious, Doctor is trying to do so: Hussain Nawazلنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانيا جي گادي واري شهر لنڊن جي هارلي ڪلينڪ ۾ علاج هيٺ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهرواري ڪلثوم نواز جي طبعيت اڃان تائين ڳڻتي جوڳي آهي ۽ ان جو وينٽيليٽر هٽائڻ جو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي. ياد رهي ته ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا بيگم ڪلثوم نواز گذريل مهيني کان علاج لاءِ لنڊن ۾ موجود آهي جتي ان جي ڪيموٿراپي ٿي چڪي آهي.ان موقعي ته ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف جي پٽ حسين نواز چيو آهي ته امڙ ڪلثوم نواز هوش ۾ ناهي، پر ڊاڪٽر پوري ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ انشاءَ الله سندس طبعيت بهتر ٿي ويندي.ذريعن موجب ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته بيگم ڪلثوم نواز جي طبعيت ۾ بهتري جي حوالي سان مانيٽرنگ ڪري رهيا آهيون ۽ انهن نواز شريف کي پنهنجي گهرواري سان وڌ کان وڌ وقت گذارڻ جو مشورو ڏنو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽرن جي مشوري بعد نواز شريف ۽ مريم نواز وطن واپس اچڻ وارو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے