19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: مومل جي ماڙي: زال مڙس قاضي  واهه ۾ٻڏي ويا

Moomal ji maari: Husband and wife drowned in Qazi link river*مومل جي ماڙي  ويجهو موٽر سائيڪل سوار زال مڙس قاضي واهه ۾ ڪري پيا،ڳوٺاڻن همت ڪري مرد کي پاڻي مان ڪڍي ورتو جڏهن ته عورت ٻڏي وئي.

ڳوٺ نيڪ محمد مهر جا رهواسي زال مڙس جهانگير مهر ۽ ثمينه مهر  رات دير سان ميرپور ماٿيلي کان موٽر سائيڪل تي پنهنجي ڳوٺ اچي رهيا هئا ته موٽر سائيڪل  قاضي واهه  ۾ ڪري پيو.

ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن  همت ڪري جهانگير مهر کي واھ مان ڪڍي ورتو جڏهن ته ثمينا ٻڏي وئي ، جنهن جي ڳولا جاري آهي.

 وارثن پاران آبپاشي عملدارن کي اطلاع ڪيو پر آبپاشي عملدارن اڃا تائين  واھ بند ناهي ڪيو، آخري اطلاع تائين عورت جو لاش ملي ناهي سگهيو .

لاش نه ملڻ ڪري وارثن پاران نيشنل هاءِ  وي بلاڪ  ڪري ڇڏيو جنهن ڪري گاڏين جون قطارون لڳي ويون

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pithoro: Disabled man and woman work as laborer but never beg

نيوز: پٿورو: معذور جوڙو هٿ ٽنگڻ بدارن محنت مزدوري ڪري گهر جي چلهه ٻاري ٿو

* پٿوري جو معذور جوڙو سرندي وارن اڳيان هٿ ٽنگڻ بدارن محنت مزدوري ڪري گهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے