25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

پشاور مان پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي جو انتهائي گهربل ڪمانڊر گرفتار

The arrested TTP's extremist commander, Peshawar-based banned organization, was arrestedپشاور(ويب ڊيسڪ) فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي( ايف آءِ اي) باچا خان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪاروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان جي انتهائي گهربل ڪمانڊر مولوي بهادر جان کي گرفتار ڪري ورتو.ايف آءِ اي اميگريشن جي ذريعن موجب ٽي ٽي پي ڪمانڊر مولوي بهادر جان باچا خان انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان نجي پرواز جي ذريعي دبئي وڃڻ چاهي پيو. ذريعن موجب مولوي بهادر جان پنهنجي شڪل تبديل ڪري ڇڏي هئي ۽ کيس ڪاغذن جي جاچ پڙتال دوران گرفتار ڪيو ويو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي جو سربراهه ملا فضل الله پڻ افغانستان جي صوبي ڪنڙ ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيف الرحمان جي  ويئر هائوس مان 20 قيمتي گاڏيون هٿ

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ڪسٽمز انٽيليجنس روايت ويجهو مسلم ليگ ن جي اڳوڻي سينيٽر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے