25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڪڪڙ: قتل ٿيل نوجوان جي وارثن پاران انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

ڪڪڙ ويجهو  معمولي ڳالهه تان قتل ٿيل نوجوان جي وارثن پاران انڊس هاءِ وي تي  قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو هنيو ويو .

پئسن جي ڏيتي ليتي جي معاملي تي ساريا ۽ ٻٻر   برادرين جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ محمد عيسيٰ ٻٻر  مارجي ويو

جيهڙي دوران محمد عيسيٰ ٻٻر زخمي  ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي لاڏاڻو ڪري ويو

مارجي ويل نوجوان جو مڙهه پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو .

ٻئي طرف مارجي ويل نوجوان جي وارثن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے