21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ٻاررا معاشري جو اهم حصو ۽ مستقبل جا معمار آهن: صادق سنجراڻي

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته ٻارڙا معاشري جو اهم جز ۽ مستقبل جا معمار آهن، جڏهن ته ايس او ايس وليج جي طرز تي وڌيڪ ادارا ٺاهڻ جي ضرورت آهي. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي عيد جي ٻئي ڏينهن ايس او ايس وليج جو دورو ڪري ٻارڙن سان وقت گذاريو ۽ 150 کان وڌيڪ ٻارڙن ۾ عيد جا تحفا ورهايا. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس او ايس وليج اچڻ جو مقصد ٻارڙن کي اهو احساس ڏيارڻ هو ته هو به معاشري جو اهم حصو ۽ قوم جو مستقبل آهن. هن چيو ته ايس او ايس وليج جي طرز تي وڌيڪ ادارا ٺاهڻ جي ضرورت  آهي ته جيئن سماجي ورهاڱي ۾ گهٽ وسيلا رکندڙ ماڻهن ۽ ٻارڙن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪري سگهجي. سندس چوڻ هو ته  ايس او ايس وليج ۾ موجود ٻارڙن ۾ ٻين ٻارڙن وانگر ٽيلنٽ موجود آهي کي وڌيڪ سينگارڻ جي ضرورت آهي. صادق سنجراڻي چيو ته معاشري جي وسيلن کان محروم طبقي خاص ڪري ٻارڙن کي تعليم جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ نه رڳو هو سينيٽ جو پليٽ فارم استعمال ڪري سگهندا پر سرندي وارن کي  ان سلسلي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چڪوال ۾ تخريبڪاري جو منصوبو ناڪام،2 مبينا دهشتگرد گرفتار

چڪوال ( ويب ڊيسڪ ) چڪوال ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي شهر ۾ دهشتگرديءَ جي وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے